ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ

ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ

جان محمد ميمڻ ڊاڪٽر

جان محمد ميمڻ، ڊاڪٽر: لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جو پهريون وائيس چانسلر، ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ، 1 مئي 1949ع تي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ سعيدپور ۾ حاجي عبدالڪريم ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم سعيدپور ۾ ورتي. 1972ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم.بي.بي.ايس ڪئي. 1977ع ۾ ايف.آر.سي.ايس ڪري سرجريءَ واري شعبي ۾ خدمتون انجام ڏنيون، وڌيڪ تعليم لاءِ ايڊوانسڊ سرجيڪل گيسٽرو انٽرالاجيءَ جو ڪورس لنڊن مان 1979ع ۾ ڪيائين. ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ عملي زندگيءَ جو آغاز 1972ع کان لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ڪيو. سرجري ۽ گيسٽرو انٽرالاجيءَ ۾ مهارت حاصل ڪئي. ڊاڪٽر صاحب انتظامي صلاحيتن سبب لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو. جنهن کي اڳتي هلي سندس ڪوششن سان سنڌ جي پهرين ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو درجو مليو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ ڪيترا سال لياقت يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر رهيو ۽ ان جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. کيس ايف.سي.پي.ايس جي اعزازي سند ۽ ٻيا ڪيترا اوارڊ ۽ اعزاز مليا. ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ جا 80 کن ريسرچ پيپر، تحقيقي مضمون ۽ مقالا مختلف ڏيهي توڙي پرڏيهي ريسرچ جرنلن ۾ ڇپيا آهن. هن ‘چارٽر آف لياقت يونيورسٽي’ ڪتاب پڻ لکيو. رٽارئرمينٽ کانپوءِ هن پنهنجي اباڻي ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ‘انڊس ميڊيڪل ڪاليج’ قائم ڪيو، جنهن جو پاڻ باني، پرنسپال ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آهي. پاڻ اداري ‘پروفيشنل ايسوسيئيٽ’ (پرائيويٽ لميٽيڊ) جو باني هئڻ سان گڏ سماجي ۽ فلاحي تنظيمن جو ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.05.01  عيسوي

ياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جو پهريون وائيس چانسلر، ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ، 1 مئي 1949ع تي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ سعيدپور ۾ حاجي عبدالڪريم ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پسند علي عاصي
زيب النساء ملاح
سيد محبوب علي شاهه1
نذير احمد سومرو پروفيسر
ضياء الحسين لنجار
اثير عبدالقادر شاهواڻي
خير شاهه 2
ابوالفضل
راجا پرويز اشرف
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون